نسيم ٿيٻو

نسيم ٿيٻو

نسيم ٿيٻو

نسيم ٿيٻو : سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪاره ۽ دانشور خاتون نسيم ٿيٻو 1 اپريل 1948ع تي گهاڙي، (ٿيٻن جي ڳوٺ) تعلقي ميهڙ ۾ مير عبدالباقي ٿيٻي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والده بيگم بادام ناتوان، پنهنجي دور جي بهترين ليکڪا هئي، جنهن ’خوش خصلت خاتون‘ جهڙو آدرشي ڪتاب لکي ادبي ميدان ۾ مڃتا حاصل ڪئي، اهو ڪتاب پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ڇاپي پڌرو ڪيو. نسيم ٿيٻو ملڪ جي ناليواري سياستدان رسول بخش پليجي جي گهر واري ۽ ناليواري ڪميونسٽ اڳواڻ مير ٿيٻي جي ڀيڻ هئي. پليجي صاحب سان سندس شادي 1968ع ۾ ٿي، جنهن مان کيس تانيا ۽ انيتا نالي ٻه نياڻيون پيدا ٿيون. ٻئي ادبي کيتر ۾ ڄاتل ۽ سڃاتل ليکڪائون آهن. نسيم ٿيٻو پيشي جي حوالي سان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اقتصاديات جي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي رهي ۽ 2000ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. نسيم سنڌي ادب جي سٺي ليکڪا هئي، خاص ڪري ڪهاڻيءَ ۾ کيس مخصوص سڃاڻپ ۽ حيثيت حاصل رهي. هن 80-70 وارن ڏهاڪن ۾ تمام سٺيون ۽ ڇرڪائيندڙ ڪهاڻيون لکي ادبي حلقي ۾ پنهنجو ڌاڪو ويهاريو. هن اٽڪل 25 ڪهاڻيون لکيون. 80 واري ڏهاڪي کانپوءِ هن لکڻ گهٽائي ڇڏيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ هن ڪراچيءَ ۾ سچل ڳوٺ واري علائقي ۾ رهائش اختيار ڪئي. نسيم ٿيٻو جا ناناڻا شڪارپور جا ويٺل هئا، تنهنڪري هن جو ننڍپڻ ۽ جواني به شڪارپور ۾ گذري. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ’اُڀر چنڊ پس پرين‘ سنڌي ادبي بورڊ ۾ 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جو مرتب دين محمد ڪلهوڙو آهي. . نسيم ٿيٻو 19 مارچ 2012ع تي 64 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس ٻه ڌيئرون تانيا ٿيٻو ۽ انيتا ٿيٻو ليکڪائون آهن.


لفظ نسيم ٿيٻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.04.01  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪاره ۽ دانشور خاتون نسيم ٿيٻو 1 اپريل 1948ع تي گهاڙي، (ٿيٻن جي ڳوٺ) تعلقي ميهڙ ۾ مير عبدالباقي ٿيٻي جي گهر ۾ جنم ورتو.


2012.03.19  عيسوي

نسيم ٿيٻو 19 مارچ 2012ع تي 64 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بادام ناتوان
پلي معمور يوسفاڻي
عشرت علي خان
سحر انصاري
غلام حسين شيخ
رزاق سروهي
دين محمد ڪلهوڙو ڊاڪٽر
امين مگسي
محمد خان سيال
ڄيٺواڻي هريڪانت
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون